ٻار ٺڳو/ اسڪلو

ٻار ٺڳو/ اسڪلو

ٻار ٺڳو

ٻار ٺڳو، اسڪلوIndian Courser/Cursorius Coromandelicus /:ھي پکي 25 سينٽي ميٽر ڊگهو ٿئي ٿو. هن جي پٿريلي ڳاڙهي رنگ جي ڳچي هيٺ ڇاتيءَ تائين ٿيندي آهي. ڪارو ۽ سرمائي پيٽ، ۽ ڊگهيون ٽنگون اٿس. پيرن ۾ ٽي ٽي آڱريون هونديون اٿس. هن پکيءَ کي چهنب کان اک وٽان ڊگهو آر پار پٽو ٿئي ٿو. اک جي مٿان اڇو پٽو ۽ چوٽي ڳاڙهي آهيس. ان ريت مٿي تي ٽي چار رنگين پٽيون سندس خاص نشاني آهي. ھن پکيءَ کي بروھڪيءَ ۾ اسڪلو ۽ سنڌيءَ ۾’ٻار ٺڳو‘ چون ٿا. اَسڪلوءَ جي ڊگهڙي چهنب ڪجهه هيٺ تي مڙيل هوندي آهي. هي پکي خشڪ کليل ننڍڙي گاھه ۽ ان جي ڀرسان کيتن ۾ رهندو آهي. عام عادتن ۾ ٽيٽي وانگر هلندو ۽ بيهندو آهي ۽ ڪنهن ڪنهن مهل زمين تان جيت چڳي کڻندو آهي ۽ خبرداري سان ڪنڌ مٿي کڻي تڪڙيون وکون کڻي اڳتي وڌي ويندو آهي. ويجهو وڃڻ تي اڏامي وڃي ٿو. ٻچي جي چوٽي ڳاڙهي نه ٿيندي آهي ۽ نه وري ان کي اکين وٽان ڪجل پٽو هوندو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو